لڇمڻ سنگهه سوڍو

لڇمڻ سنگهه سوڍو

لڇمڻ سنگهه سوڍو

لڇمڻ سنگهه سوڍو: ٿرپارڪر جي مشهور سياسي اڳواڻ لڇمڻ سنگهه جو تعلق ، ڇاڇري جي مشھور سوڍا خاندان سان ھو. سندس والد لالجي ۽ ڏاڏو ’اکجي سنگهه‘ 1937ع ۽ 1954ع ۾ قانون ساز ۽ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ھئا. سندس جنم جون 1930ع ڌاري ’اکجي جي ڍاڻي‘، تعلقي ڇاڇري ۾ ٿيو. ڇاڇري ۾ سندن مشھور خانداني حويلي (ڪوٽڙي) ھڪ وڏي اوطاق طور استعمال ٿيندي ھئي. ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ دوران ھو فٽ بال ۽ باسڪٽ بال جو بھترين رانديگر رھيو. ان کان علاوه گهوڙي سواري ۽ شڪار جو به شوقين رھيو. جون 1963ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر مان، اقليتن جي نمائندي طور، اولھه پاڪستان جي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 1964ع ۾ پارلياماني سيڪريٽري مقرر ٿيو. ساڳي چونڊ دوران راڻا چندر سنگهه ۽ لڇمڻ سنگهه ۾ اختلاف پيدا ٿيا. ھي سوڍن جي ’ڀوڄراج‘ نُک مان ھو. سندس ڏاڏي جي نالي سان ’اکجي جي ڍاڻي‘ تعلقي ڇاڇري ۾ موجود آھي. هي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏو مداح هو. 1965ع ۾ ايوب خان جي دور ۾ لڇمڻ سنگهه تي جاسوسيءَ جو الزام لڳو ۽ هو ٻن مھينن لاءِ جيل ويو. رسول شاهه جيلاني'>پير غلام رسول شاهه جيلاني جي معرفت، ميرپور خاص جي مشھور زميندارن حسين بخش خان مري ۽ عبدالڪريم پلي جي ضمانت تي آزاد ٿيو ۽ فيبروري 1971ع ڌاري گهر ۾ ٻرندڙ فانوس ڇڏي، رات پيٽ ۾ پنھنجي خاندان جي 60 ڀاتين سميت جوڌپور لڏي ويو. جوڌپور جي حاڪم گذر سفر لاءِ کيس جاگير ڏني. 1971ع واري جنگ دوران، هو آخري دفعو پنھنجي ڇاڇري واري ’ڪوٽڙي‘ تي پھتو، پر جلد ئي شمله معاهدي کان پوءِ واپس جوڌپور روانو ٿيو ۽ 21 نومبر 2012ع تي، پالي ضلعي جي بالي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو